روهيل جو لڪ

روهيل جو لڪ: هي لڪ ضلعي دادو ۾ کيرٿر جبل ۾آهي. هن لڪ جو نالو مڪاني ماڻهو ’لورهه‘ ڪري وٺندا آهن. هيءُ لڪ جيتوڻيڪ تمام سوڙهو ۽ اڻانگو آهي، پر ان هوندي به ٻين لڪن جي ڀيٽ ۾ گهڻو پراڻو ۽ آباد رهيو آهي. هيءُ لڪ ان هنڌ آهي، جتي نئين گاج کيرٿر جبل کي ڪپي، ڪوري، ڪٽي، پنهنجو رستو گهڙيو آهي ۽ وڏي گوڙ گهمسان سان سنڌ ۾ داخل ٿئي ٿي. اتي نئن هڪ وڏو ويڪرو ۽ اونهو ڪُنڀ به ٺاهيو آهي، جنهن کي تک جو ڪنڀ سڏين ٿا. هڪ لڪ نئن گاج جي بنگلن کان اٽڪل ارڙهن ميل اولهه ۾ آهي. هن لڪ رستي واپاري ۽ تهذيبي قافلا، سنڌ مان هلي بلوچستان جي شهرن وڍ (Wad) ۽ نال (Nal)، تائين ايندا ويندا هئا. هن رستي سان جيڪي به پراڻا ماڳ مليا آهن، انهن مان جيڪو ٺڪراٺو حاصل ٿيو آهي، سو آمري-نال تهذيبي ورثو سڏيو وڃي ٿو. برساتن ۾ هن لڪ کان اچ وڃ گهڻو ڪري بند ٿي ويندي آهي، جو نئن جو وهڪرو تمام تيز ۽ تمام گهڻو خطرناڪ هوندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو